روحل فقير جو قبو

روحل فقير جو قبو

روحل فقير جو قبو

روحل فقير جو قبو: هيءُ مقبرو صوفي درويش ۽ شاعر روحل فقير جي مزار مٿان اڏيل آهي. تعلقي ڪنگري، ضلعي خيرپورميرس ۾ واقع هيءُ مقبرو آباديءَ جي وچ ۾ آهي. مقبري جي عمارت زمين کان ٿورو مٿي، هڪ ٿلهي تي رٿي وئي آهي. مقبري کي مهاڙي ۽ پاسي ۾ ٻه لنگهه آهن، جن ۾ لوهه جا دروازا نصب ڪيا ويا آهن. مهاڙيءَ ۾ لوهي دروازي وارو لنگهه ونگائو دروازو ٺاهي ٿو، جنهن جي ٻنهي پاسن کان ديوار ۾ نمائشي ٿنڀ ٺاهيا ويا آهن. انهن جي مٿان وري ڪالم ڪڍي زيبائش لاءِ کسي دريون ٺاهيون ويون آهن. پاسي واري ديوار جي ٻاهرين طرف پنج طاق آهن، جن مان وچئين طاقچي ۾ ساڳيءَ طرز جو لوهي در نصب ڪيو ويو آهي. در جي پاسن وارن طاقن ۾ نمائشي ونگاوان در ٺاهيل آهن. مقبري جي چئني ڪنڊن وٽان زمين کان مٿي تائين ٿنڀ آهن، جن جي چوٽيءَ تي ننڍڙيون ٿنڀڙيون ۽ انهن تي ابتي ڪوڻي جي گل تي گنبذڙيون ۽ نيلون ٺاهيل آهن. مقبري جي ٻنهي درن جي مٿان پڻ ننڍڙيون ٿنڀڙيون ۽ انهن جي مٿان ابتي ڪوڻي جي گل تي نيلون نصب ڪيل آهن. مقبري جو ڳچ اٺ ڪنڊو آهي، جنهن کي ڪنڊ جوڙون ڏئي گنبذ رکيو ويو آهي. گنبذ تي ابتو ڪوڻي جو گل ۽ ان مٿان نيل هنئي وئي آهي. ڳچ ۾ اٺن ئي ڪنڊن ۾ روشندان ڇڏيل آهن. مقبري جي چوڌاري ڪافي ايراضيءَ ۾ خالي چؤگان آهن. مقبري کي اڇو رنگ ڪيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو